سخي شاهه برهان شاهه جو ميلو

سخي شاهه برهان شاهه جو ميلو: سخي شاهه برهان شاهه جو ميلو هر سال 11، 12 ۽ 13 ربيع الثانيءَ جي مهيني ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ريلوي لڳ سعيدپور روڊ تي نهايت ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. هن ميلي ۾ سنڌ ليول تي ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا مشهور پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ ميلي ۾ بازارون پڻ لڳنديون آهن، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن کي نمائش لاءِ آندو ويندو آهي، هنن کي وڪرو پڻ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جن جي رهڻ ۽ کاڌي خورڪ جو پڻ بندوبست هوندو آهي.


لفظ سخي شاهه برهان شاهه جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو